بلاول ڀٽو زرداري جي مصطفيٰ نواز کوکر سان پيءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر سان پيءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جي رهائشگاهه پهتو، جتي هن قومي اسيمبلي جي اڳواڻي ڊپٽي اسپيڪر حاجي محمد نواز کوکر جي لاڏاڻي تي مصطفيٰ نواز کوکر سان تعزيت ڪئي.

پ پ چيئرمين چيو ته حاجي محمد نواز کوکر جي لاڏاڻي تي ايترو ئي ڏکارو آهيان، جيترو سندس خاندان آهي.

هن مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي.

هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پڻ پيءُ جي لاڏاڻي تي مصطفيٰ نواز کوکر سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.