پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي چونڊن ۾ آصف زرداري صدر چونڊجي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي چونڊن ۾ آصف علي زرداري صدر، جڏهن ته فرحت الله بابر سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽوئيٽر پيج تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ميمبر شازيا مري اطلاعات سيڪريٽري ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا ماليات سيڪريٽري چونڊجي ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ پ پ جون انٽرا پارٽي چونڊون به ٿيون هيون، جن ۾ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي چيئرمين چونڊيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.