پي ايس ايل 6 لاءِ ڊرافٽنگ مڪمل، ٽيمن جا اسڪواڊ فائنل ٿي ويا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ مڪمل ٿي وئي.

پي ايس ايل 2021 لاءِ ٽيمن جي چونڊ اڄ ڊرافٽس ذريعي لاهور ۾ ٿي، جتي اسلام آباد يونائيٽيڊ پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ حسن علي، ملتان سلطانز ڪرس لِن، لاهور قلندرز راشد خان، پشاور زلمي ڊيوڊ ملر، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ڪرس گيل ۽ ٽام بينٽن جي چونڊ ڪئي.

ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ لوئس گريگري، پشاور زلمي مجيب الرحمان ۽ شرفاني ردرفورڊ، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز محمد نبي ۽ ڊين ڪرسچن کي چونڊيو.

گولڊ ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ فل سالٽ، لاهور قلندرز سمت پٽيل، پشاور زلمي عماد بٽ، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز عثمان شنواري ۽ ڪراچي ڪنگز چيڊوڪ ويلٽن جي چونڊ ڪئي.

اسلام آباد سلور ڪيٽيگري ۾ روحيل نذير، افتخار احمد، ريس ٽوپلي، ملتان سهيل خان، محمد رضوان، صهيب مقصود، صهيب الله، ايڊم ليٿ، لاهور ٽام ايبل، ذيشان اشرف، آغا سلمان، محمد فيضان، پشاور عميد آصف، ثاقب محمود، امام الحق، ايم عمران رنڌاوا، محمد عرفان سينيئر، ڪوئيٽا ڪيمرون ڊيلپورٽ، قيص احمد، عبدل ناصر، ڪراچي جو ڪلرڪ، دانش عزيز، محمد الياس ۽ ذيشان ملڪ کي پِڪ ڪيو.

سپليمينٽري ۾ اسلام آباد طرفان ڪرس جارڊن، عاڪف جاويد، ملتان طرفان عمران خان سينيئر، ڪارلوس بريٿ ويٽ، لاهور طرفان جو ڊينلي، احمد دانيال، پشاور طرفان روي بوپارا، عامر خان، ڪوئيٽا طرفان ڊيل اسٽين، عثمان خان، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز طرفان نور احمد جي چونڊ ڪئي وئي.

ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد جي ٽيم محمد وسيم جونيئر، احمد سيفي عبدالله، ملتان شاهنواز، محمد عمر، لاهور معاذ خان، زيد عالم، پشاور ابرار احمد، محمد عمران، ڪوئيٽا صائم ايوب، عارش علي خان، جڏهن ته ڪراچي جي ٽيم قاسم اڪرم جون خدمتون حاصل ڪيون.

برقرار رانديگر

دفاعي چيمپيئن ڪراچي ڪنگز پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ بابر اعظم، محمد عامر ۽ ڪولن انگرام کي برقرار رکيو آهي، جڏهن ته ڊائمنڊ ۾ ڪپتان عماد وسيم، گولڊ ۾ عامر يامين، شرجيل خان، سلور ۾ وقاص مقصود ۽ ايمرجنگ ۾ ارشد اقبال کي ري ٽين ڪيو آهي.

لاهور قلندرز پلاٽينم ۾ محمد حفيظ، شاهين آفريدي، ڊائمنڊ ۾ فخر زمان، ڊيوڊ ويسا، حارث رئوف، گولڊ ۾ بين ڊنڪ ۽ دلبر حسين، جڏهن ته ڪپتان سهيل اختر کي سلور ڪيٽيگري ۾ ئي برقرار رکيو آهي.

ملتان سلطانز جي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ شاهد آفريدي ۽ رائلي روسو شامل آهن، ڊائمنڊ ۾ سهيل تنوير، عمران طاهر ۽ خوشدل شاهه کي جاءِ ملي آهي، جڏهن ته جيمز ونس، شان مسعود ۽ عثمان قادر کي گولڊ ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي.

پشاور زلمي 5 رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو آهي، جن ۾ پلاٽينم ۾ وهاب رياض ۽ شعيب ملڪ، ڊائمنڊ ۾ ڪامران اڪمل، گولڊ ۾ ليام ليونگسٽن ۽ حيدر علي شامل آهن.

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ڪپتان سرفراز احمد، ڊائمنڊ ۾ بين ڪٽنگ، محمد حسنين ۽ محمد نواز، گولڊ ۾ اعظم خان ۽ نسيم شاهه، جڏهن ته سلور ۾ زاهد محمود ۽ انور علي کي برقرار رکيو آهي.

اسلام آباد يونائيٽيڊ پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ شاداب خان، ايليڪس هيلز، ڊائمنڊ ۾ ڪولن منرو، فهيم اشرف، گولڊ ۾ حسين طلعت، آصف علي، جڏهن ته سلور ۾ موسيٰ خان ۽ ظفر گوهر کي رکيو آهي.

پي ايس ايل 6 لاءِ ڪراچي ۽ اسلام آباد جي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽريڊ ٿي، جنهن ۾ ايليڪس هيلز اسلام آباد ۽ ڪولن انگرام ڪراچي ڪنگز ۾ هليو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.