ھالاڻي: قومي شاھراھ تي ڌار ڌار حادثا، 5 ڄڻا زخمي

ھالاڻي ڀرسان قومي شاھراھ تي ٽن  ڌار ڌار حادثن جي نتيجي ۾  پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن .

قومي شاھراھ تي ڪالوني اسٽاپ وٽ ڪار جو موٽر سائيڪل کي زور دار ٽڪر لڳڻ سبب ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ڳوٺ عمر ميمڻ جا رھواسي ۾ عبدالمجيد ،آصف ، . ۽ رياض ميمڻ شامل آهن.جن مان ٻن ڄڻ جي حالت نازڪ ھجڻ سبب عبدالمجيد ميمڻ کي نوابشاھ اسپتال ۽ رياض ميمڻ کي گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي.

ٻي پاسي قومي شاھراھ تي لاشاري اسٽاپ وٽ ڪار جو موٽر سائيڪل کي لڳڻ جي نتيجي ۾ اقبال راجپوت سخت زخمي ٿي پيو  جنھن کي ڳوٺاڻن رورل ھليٿ ھالاڻي اسپتال پھچايو جڏھن ته ھالاڻي جو رھواسي مظھر علي گاڏھي کي ٽرالر ٽڪر ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي پڻ شھرين ھالاڻي اسپتال پھچايو جنهن جي نازڪ حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب نوابشاھ ريفر ڪيو ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.