ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي رئيس غلام مصطفي’ ڀرڳڙي جي سالگره تقريب ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو.
سالگرهه تقريب ۾ نواز خان زنئور، امير آزاد پنهور، پ پ تعلقه صدر حاجي رفيق ڀرڳڙي مسعود و ساڻ، ٻين جي شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ آيل مهمانن غلام مصطفي’ ڀرڳڙي جي ڌرتي لاء جدوجهد تي روشني وجهڻ سان گڏ نوجوانن کي جدوجهد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ۽ ڊينگاڻ جي روڊن رستن جي خراب حالت کي ڏسندي حڪمرانن تي سخت تنقيد ڪئي.
ان موقعي حاجي رفيق ڀرڳڙي پنهجي خطاب ۾ شهر جي رستن توڙي ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جو وچن ڪيو پروگرام دوران قومي راڳي ٻيجل سنڌي ء قومي گيت پيش ڪيا .