جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ تيز برساتن سبب مٽيءَ جو ڇِپون ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي گم آهن.
انڊونيشيا جي اولهه صوبي جاوا ۾ سخت برساتن جو سلسلو ڇنڇر جي رات کان جاري آهي.
مٽيءَ جون ڇِپون ڪرڻ جو هڪ وڏو واقعو ڪالهه رات سومي ڊنگ جي ڳوٺ ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ هڪ ريسڪيو ٽيم جو ميمبرن به شامل آهي، جيڪو متاثرن جي مدد لاءِ اتي موجود هو.
واضح رهي ته انڊونيشي ٻيٽن تي تيز برساتن کانپوءِ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جا واقعا پيش ايندا رهندا آهن.