ڀارتي ڪرڪيٽرن خلاف نسل پرست جملا، ڪرڪيٽ آسٽريليا معافي گهري ورتي

 

سڊني (ويب ڊيسڪ) سڊني ٽيسٽ دوران ڀارتي ڪرڪيٽرن خلاف نسل پرست جملن تي ڪرڪيٽ آسٽريليا معافي گهري ورتي.

آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ جاري ٽيسٽ ميچ دوران ڀارتي رانديگرن خلاف نسل پرست جملا چيا ويا، جنهن جي جاچ هاڻ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڪندي.

ميچ دوران بائونڊري تي فيلڊنگ ڪرڻ وقت ڀارتي فاسٽ بالرن جسپريت بمرا ۽ محمد سراج خلاف ڪجهه شوقينن نسل پرست جملا چيا هئا، جنهن کانپوءِ 10 منٽن لاءِ ميچ کي روڪيو ويو هو.

ان موقعي تي اختيارين ڪجهه ماڻهن کي اسٽيڊيم کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ راند ٻيهر شروع ڪئي وئي.

اهڙي واقعي تي ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي هڪ بيان ۾ معذرت طلب ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اهڙي قسم جو ڪو به امتيازي ورتاءُ صفا برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.