حڪمرانن اڍائي سالن ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر نه بڻايو: امتياز شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) سربراهه جي برطرفي ۽ انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته هڪ پاور پلانٽ سان سڄي ملڪ جو سسٽم ويهي وڃڻ قومي ادارن لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي، حڪمرانن اڍائي سال گذرڻ باوجود بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو.

هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ بريڪ ڊائون وفاقي توانائي وزارت جي نااهلي ۽ ناڪامي آهي، اين ٽي ڊي سي ۾ صوبن جي نمائندگي نه هجڻ سان چيڪ اينڊ بيلنس جو سسٽم ناهي، حڪومت اڃا تائين مسئلو ناهي ڳولي سگهي.

امتياز شيخ مطالبو ڪيو ته ان معاملي تي بنا دير انڪوائري ڪميشن جوڙي وڃي، جنهن ۾ صوبن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.