مچ سانحي خلاف ڌرڻن دوران ڪراچي ۾ موٽر سائيڪلون ساڙڻ جو ڪيس داخل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مچ سانحي خلاف ڌرڻن دوران ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي موٽر سائيڪلون ساڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ڪيس سرڪار جي فرياد تي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر جي متن موجب 8 جنوري جي صبح شاهه فيصل ڪالوني گيٽ ڀرسان ڌرڻو جاري هو ته ان دوران شرپسندن زبردستي رستو کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڇڪتاڻ کانپوءِ مڇريل ماڻهن موٽر سائيڪلن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 موٽر سائيڪلون سڙيون.

پوليس اختيارين موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ واقعي واري هنڌ جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.