پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 46 زندگيون کسي ورتيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 46 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، جڏهن ته 2 هزار 899 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 46 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتين جو گڏيل انگ 10 هزار 644 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 899 نون ڪيسن جي تصديق پڻ ٿي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هيل تائين متاثرن جو ڪُل انگ 5 لک 2 هزار 416 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 56 هزار 969 ۽ فعال ڪيسن جو انگ 34 هزار 803 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.