اوٻاوڙو: زخمي حالت ۾ نوجوان جو لاش هٿ

اوٻاوڙو جي ٽي روڊ لڳ ڀٽائي ڪالوني ۾  نوجوان جو زخمي حالت ۾ لاش هٿ آيو آهي.

اطلاع تي اسپتال جي عملي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتي نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ صالح ڏهر واسي فرمان ڏهر تور ڪئي وئي  ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو .

ٻي پاسي اوٻاوڙو پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب فوت ٿيو آهي جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون.

هوڏانهن فوتي نوجوان جي چاچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان کي قتل ڪري لاش روڊ ڀرسان اڇلايو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.