ڳڙھي خيرو: قومي عوامي تحريڪ جو سهولتون نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ڳڙهي خيري ۾  قومي عوامي پاران بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف مظاهرا ڪري سنڌ بلوچستان بارڊر تي ڌرڻو ھنيو ويو.

ڪارنن پاران جبار سنڌي، گل مصطفي،  اشرف پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  سنڌ بولچستان بارڊر تي ڌرڻو هنيو ويو .

ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هو  تيرنهن مهينن کان احتجاج ڪري رهيا آهن 2010 جي ٻوڏ  کان پوءِ  گئس جو نظام تباھ ٿي ويو آهي  جنهن سبب عورتون ڪاٺين تي ماني پچائي رهيون آھن، مٺو پاڻي نه هجڻ سبب مهانگي اگھه تي  تي پاڻي ڀرائي رهيا آهيون.

هنن چيو ته هن جديد دور ۾ به شهر ۾  نادرا آفيس جي سهولت نه هجڻ سبب شھدادڪوٽ لاڙڪاڻي جا چڪر پيا ڪاٽيون جڏهن ته  ڊگري ڪالج نه هجڻ سبب نوجوان تعليم جي زيور کان محروم آھن.جيڪڏهن تڪ جا چونڊيل نمائيندا سهولتون فراهم نٿا ڪري سگھن ٿا  ته استيفائون ڏين.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو شهر کي بنيادي سهولتون ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.