سوڀوديرو: صدارتي ايوارڊ يافته ھنر جي ڪاريگر پاران مالي سهائتا جي اپيل

سوڀيديري ڀرسان ڳوٺ انب جي رهواسي ھنر جي ماھر ڪاريگر صاحبڏنو ملاح سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کي مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

صاحبڏنو ملاح عوامي آواز ٽي سان ڳالهائيندي چيو ته هو ھٿ جي ھنر سان شال۔ کٿا، ڪمبل، مفرل  سميت  ناياب ڪپڙي مان بادشاھي ويس ٺاھيندو هو  جيڪي تحفي طور ٻاھران آيل بادشاھن۔ ڪامورن۔ کي ڏنا ويندا هئا جنهن جي ڪري کيس    مڃتا طور  اڳوڻي صدر ايوب خان۔ شھيد ذوالفقار علي  ڀٽي  شھيد  بينظير ڀٽو۔ ۽ ثقافت کاتي اسلام آباد ۽ پاران  ڪيترن ئي اعزازن سان سان نوازيو ويو.  ۽ سندس ٺاهيل شين کي  پرڏيھي ملڪن ۾ به اماڻيو ويندو ھو جنهن مان ملڪ ناڻو ڪمايو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.

هن چيو ته هو ۽ سندس گھر واري بيمار آهن گھڻي عرصي کان  ثقافت کاتي سنڌ ڏانھن درخواستون موڪليون آھن  پر هن وقت تائين ڪا به سهائتا ناهي ڪئي وئي جنهن سبب فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون.

پورهيت وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته سندس مالي سھائتا ڪئي وڃي جيئن هو علاج ڪرائي ٻچن جو گذر سفر ڪري سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.