قمبر : خاڪسار تحريڪ پاڪستان جي باني حميد الدين احمد بن علامه مشرقي جي ورسي تقريب

قمبر ۾ خاڪسار تحريڪ پاڪستان پاران تحريڪ جي باني حميد الدين احمد بن علامه مشرقي جي يارهين ورسي جي موقعي تي رسول صادق ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.

جنهن ۾ ناظم اعلي انور علي ابڙو، عبدالوحيد ابڙو، حاجي مولا بخش مغيري، عرفان بليدي، آپا زخسانه ابڙو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تحريڪ جي باني علامه عنايت الله مشرقي اخوت ڀائيچاري جو سبق ڏنو  مسمانن کي پنهنجي دين  سان پيار ڪرڻ گهرجي اسان جو مذهب محبت امن ۽  ڀائيچاري جو سبق سيکاري ٿو.

هنن چيو ته  خاڪسار تحريڪ پاڪستان ۾ انسان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ اندر شريعتي محمدي جو قانون قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري ٿي،  غريبن مسڪينن بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.