لاهور (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جماعت ن ليگ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي وفاقي حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزيرن جي بجلي جي بريڪ ڊائون تي پريس ڪانفرنس کي ڪوڙ جو خبرنامو قرار ڏنو ۽ چيو ته بريڪ ڊائون جي اڃا تائين خبر نه پئجي سگهي پر اها خبر پئجي وئي ته نواز شريف ان جو ذميوار آهي؟ نواز شريف قوم کي 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏياريو، نوان پاور پلانٽ لڳايا، جيڪي سليڪٽڊ هلائي به نٿو سگهي.
اڑھائی سال سے نالائق ، نااہل اور چور مسلط کردہ ٹولے کی وجہ سے ملک کے ہر شعبہ کا بریک ڈاون جاری ہے
بریک ڈاون کا ابھی تک آپ کو معلوم نہیں ہوسکا، لیکن یہ پتہ چل گیا کہ نوازشریف اس کا ذمہ دار ہے؟ کوئی شرم، کوئی حیا؟— Marriyum Aurangzeb (@Marriyum_A) January 10, 2021
هن چيو ته جيڪڏهن پهچ جو نظام خراب هو ته 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٻڙي ڪيئن ٿي؟ جڏهن حڪمران چور، نالائق ۽ نااهل هجي ته اونداهي قوم جو مقدر بڻجي ويندي آهي، عمران صاحب جو بيان اچڻ وارو آهي ته نواز شريف جا لڳايل پاور پلانٽ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن؟