ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون، ڪيترائي علائقا اڃا تائين بجلي کان محروم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بجلي پهچائڻ جي نظام ۾ فريڪوئنسي اوچتو ٻڙي ٿي وڃڻ سبب گذريل رات سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇائنجي وئي ۽ وڏي بريڪ ڊائون کانپوءِ بجلي جي بحالي جو ڪم جاري آهي پر اڃا تائين ملڪ جو وڏو حصو بجلي کان محروم آهي.

پاور ڊويزن ترجمان موجب رات 11 لڳي 41 منٽن تي گدو ۾ فالٽ پيدا ٿيو، جنهن سبب ملڪ جي هاءِ ٽرانسميشن ۾ ٽرپنگ ٿي ۽ هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ سسٽم جي فريڪوئنسي 50 کان ٻڙي تي اچي وئي ۽ بريڪ ڊائون ٿي ويو.

ان ئي بريڪ ڊائون کانپوءِ ملڪ جي وڏن بجلي گهرن جهلم، منگلا، تربيلا ۾ پاور پاور پلانٽ بند ٿيڻ سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ بجلي جونظام درهم برهم ٿي ويو، ان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير به اونداهي ۾ ٻڏي ويو.

پاور ڊويزن اختيارين جو چوڻ آهي ته تربيلا، منگلا ۽ وارسڪ پاور هائوس جي يونٽن مان بجلي جي پيداوار جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد سميت ٻين هنڌن تي بجلي جي بحالي شروع ٿي وئي آهي.

پاور ڊويزن ترجمان موجب فريڪوئنسي ڪِرڻ جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ترجمان ٻڌايو ته سموريون ٽيمون هنوقت پنهنجي پنهنجي اسٽيشن تي پهچي چڪيون آهن ۽ توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب بجلي بحالي جي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.

عمر ايوب عوام کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هن وقت تربيلا پاور پلانٽ کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.