ڪشمور لڳ پنجاب مان چوري ٿيل ٽريڪٽر هٿ

ڪشمور(ڊر)ڪشمور پوليس جي ڪارروائي ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي علائقي ماچڪي مان ڳوٺاڻي دين محمد کوسو جي  گھران چوري ٿيل ٽريڪٽر  ريڪور ڪرائي ورتو ڪشمور پوليس کي ڳوٺ فوج علي مزاري ۾ ڇاپي دوران چوري ٿيل ميسي ٽريڪٽر پلال ۾ پوريل مليو جوابدار پوليس کي ڏسندي ئي فرار ٿي ويا، خبر موجب، ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقتدار جتوئي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳوٺ فوج علي مزاري ۾ ڪاروائي دوران پنجاب جي ماچڪي واري علائقي مان چوري ٿيل ميسي ٽريڪٽر پلال ۾ پوريل ٽريڪٽر ريڪور ڪرائي ورتو آهي ڪشمور پوليس موجب ڇاپي دوران جوابدار پوليس کي ڏسندي فرار ٿي ويا آهن ماچڪي جي رھواسي دين محمد کوسو جي گھران چوري ٿيل ميسي ٽريڪٽر ريڪور ڪرائي مالڪ حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.