ڪوٽڙي مان لاڙڪاڻي پوليس هٿان 2 ڄڻا گرفتار، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي ٻٻر اسٽاف جي رهواسي جڙيل ابڙو ڀائرن جي ناحق گرفتاري خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته گذريل رات سندن جي گهر ۾ لاڙڪاڻه جي پوليس رات دير سان سندن جي گهر اندر داخل ٿي سندس جا 2 ڀائر بهادر ابڙو ۽ صدام ابڙو کي ننڊ مان اٿاري گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، جڏهن ته هو غريب آهن ڀائر پليداري مزدوري جو ڪم ڪندا آهن، هن چيو ته لاڙڪاڻي جي پوليس چاردر ۽ چوديواري جو به خيال نه ڪيو گهر اندر داخل ٿي ٻارڙن عورتڻ تي تشدد ڪري ڀائرن کي کڻي وئي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي ڀائر بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.