اوستا واسڻ زهر پي ڇڏيو، لاڙڪاڻي اسپتال داخل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) بلوچستان جي شهر اوستا محمد ويجهو ڳوٺ بالان شاخ ۾ گهرو اڻبڻت تان ٽن ٻارن جي امڙ عورت شمشاد زال صدام جمالي  گهر اندر زهريلي دوا پي مبينا خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سندس مڙس ۽ ٻين گهر ڀاتين بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي عورت کي طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ عورت جي مڙس صدام جمالي صحافين کي ٻڌايو ته گهر واري شمشاد خاتون معمولي ڳالھ تان گهر ڀاتين سان ڪاوڙجي گهر ۾ زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.