ڦل شاخ جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل خلاف احتجاج

ڦل (ن ع آ ) ڦل ڀرسان سوا ارب روپين جي لاڳت سان پڪي ٿيندڙ ڦل شاخ ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال، شاخ جي لائيننگ جو ڪم صحيح نموني سان نه ٿيڻ تي سوين آبادگارن ذوالفقار وڳڻ، علي حسن لغاري، ايڊووڪيٽ عاشق لغاري، واحد ڏنو وڳڻ، ممتاز کوسو، فوجي خورشيد کوسو ۽ ٻين ڦل شاخ وٽ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي هلندڙ ڪم روڪرائي ڇڏيو مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي عرصي کان اسان جون زمينون شاخ پڪي نه ھجڻ سبب غيرآباد بنجر بڻيل آھن مسلسل اسان جي ڪوششن کان پوء ڦل شاخ پڪي ٿي رهي آھي ھلندڙ ڪم ۾ ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪري ۽ وهڪري واري لائيننگ صحيح نموني نه پيو ڪري جنهن جي ڪري اسان جيڪي وچ وارا آبادگار آھيون انهن جي زمينن تائين پاڻي نه پهچي سگهندو ۽ پاڻي مٿان کان هيٺ پڇڙي تائين ويندي پڇڙي جي آبادگارن کي ٻوڙيندو جنهن جي ڪري شاخ پڪي ڪرڻ جو اسان آبادگارن کي ڪوبه لاڀ نه ملي سگهندو.  مظاھرين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور ٿيندڙ ڪم ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي پاسي ايس ڊي او ايريگيشن هالار راڄپر ٺيڪيدار سان گڏجي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري انهن جا ڪيل مطالبا مڃي ورتا ۽ چيو ته جيئن آبادگار چوندا ائين ڪم ڪرايو ويندو ان کان پوء آبادگارن پنهنجو احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ايس ڊي او اسان جا ڪيل مطالبا پورا ڪرڻ جو واعدو ڪيو آھي انڪري اسان پنهنجو احتجاجي ڌرڻو ختم ٿا ڪيون پر اگر اسان جي مطالبن تي عمل نه ٿيو ته اسان ٻيهر احتجاج ڪنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.