”انعام ۽ سندس ساٿي ڇڏيو“ موري ۾ بک هڙتال

مورو (ن ع آ) مورو م وائيس آف سنڌ پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي، سنڌ سڀا جي پيادل مارچ م  سنڌ نياڻين تي اوٻاوڙو پوليس پاران تشدد ڪرڻ، سنڌ سڀا جي اڳواڻن جي آزادي ء داخل ڪيل ڪوڙن ڪيس خلاف احتجاجي مظاھرو علامتي بک  ھڙتال ڪئي وئي جنھن جي اڳواڻي وائيس آف سنڌ جو اڳواڻ سڪندر چانڊيو، امجد، ماجد علي، جسقم جي ملوڪ کوسو، شاھنواز سنڌي، نثار احمد ميمڻ ء ٻيا ڪري رھيا ھيا ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن سنڌ جا عاشق آھن جيڪي پنھنجي وطن جي مالڪي جي ڳالھ ڪرڻ تي کنڀي گم ڪيا ويا آھن 70 سالن کان سنڌين کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، سنڌ جي روزگاري وسيلن، درياءَ ء سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو آھي مٿان آواز اٿاريندڙ سنڌي نوجوانن کي گم ڪيو وڃي ٿو، گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي پنھنجي گھرن مان امڙين، ڀينرن ء ونين جي اکين آڏو کنڀي چادر چو ديواري جو تقدس پائمال ڪري گم ڪيو ويو آھي، گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي تائين جدوجھد جاري رھندي، اسان سنڌ جي شعور ء ستل ضميرن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪري رھيا آھيون سنڌ جي غيرتمند پٽ، انساني حقن جون تنظيمون، سپريم ڪورٽ، اقوام متحدہ، آمريڪا، روس، چين، فرانس، جرمني سميت ٻين سڌريل ملڪن کي اپيل ٿا ڪريون تہ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ وفاق تي دٻاءُ وجھن ء اسان مظلوم قوم جي مدد ڪن، ھنن چيو تہ ايوب ڪانڌڙو، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو کي پنج سال ٿي ويا آھن، غلام مرتضيٰ جوڻيجو، رياض خاصخيلي، نسيم بلوچ، بشير شر، امتياز خاصخيلي، انصاف دايو، ڪاشف ٽڳڙ، جبار  سرڪي، اللہ وڌايو مھر، رفيق عمراڻي، بور احمد ابڙو، پٺاڻ خان ظھراڻي، عاقب چانڊيو، ڪاشف شر، فيصل آرائين، محمد گبول، الھ بخش جمالي، عمران چاچڙ، فرحان مڱڻيجو، فقير اعجاز ڳاھو، غلام شبير ڪنراڻي، موھن ميگھواڙ سميت ٻين ڪيترن قومي ڪارڪنن کي گم ڪيو ويو آھي جن کي ڪافي وقت گذري چڪو آھي پر ھن وقت تائين ظاھر ناھن ڪيا ويا . ھنن چيو تہ جيڪڏھن کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جو ڪو ڏوھ آھي تہ کين سڀني کي عدالتن م پيش ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت م انھن سڀني کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.