ٽنڊي الهيار لڳ پوليس پيرسن مٿان گاڏي چارهي ڇڏي، نينگر گرفتار، احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موبائيل ڀٽي هوٽل لڳ 12 سالا نينگر کي گرفتار ڪرڻ بابت پيرسن طرفان پڇا ڪرڻ تي پوليس پيرسن مٿان موبائيل گاڏي چاڙهي سخت زخمي ڪري  ڇڏيو پوليس پٽي ڀائي جو تحفظ ڪندي زخمي کي ليٽر ڏيڻ کان انڪاري ان سلسلي ۾ مهراڻ شگر مل جي رٽائرڊ پورهيت 65 سالا محمد هاشم ڪالرو پٽ رياض ڀاڻيجي صادق ۽ ٻين برادري جي ماڻهن سان گڏ پريس ڪلب پهچي پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موبائيل ڀٽي هوٽل اسٽاپ تي ڊاڪٽر وٽ آيل 12 سالا نينگر راڻو ڪولهي کي کنڀي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيا هئا ته مون موبائيل جي ڊرائيور مصطفي زرداري ۽ اي ايس آئي اصغر کان پڇا ڪئي ته هنن نينگر کي کڻڻ جو ڪارڻ ٻڌائڻ بجاء مون کي ٽڪر هڻي زخمي ڪري نينگر کي کڻي فرار ٿي ويا.  هنن چيو ته اسان اي سيڪشن ٿاڻي تي پوليس جي دانهن کڻي پهتاسين ايس ايڇ او مظهر مهندي ڪيس داخل ڪري ليٽر ڏيڻ بجاء اسان کي ڌڙڪا ڏئي جيڪو ڪرڻو اٿئو وڃي ڪريو جهڙيون ڌمڪيون ڏئي روانو ڪري ڇڏيو جنهن بعد اسين انصاف لاء پريس ڪلب پهتا آهيون هنن آئي جي سنڌ . ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته پوليس جي ڀتاخوري ۽ بيگناه ماڻهن کي کنڀڻ بند ڪري اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او مظهر مهندي کي هٽائي انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او مظهر مهندي ٻڌايو ته اسان ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي گرفتار ڪرڻ وياسين ته علائقي واسين پوليس موبائيل تي حملو ڪري وڌو پوليس موبائيل جي شيشي کي به ڌڪ هڻي ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي ڇڏائي ورتو زخمي ٿيل شخص پوليس موبائيل ۾ لٽڪي پيو، ڪرڻ سبب کيس ڌڪ لڳو آهي پوليس ٽڪر هڻي زخمي نه ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.