سکر بئراج جي صفائي آبي جانورن لاءِ خطرو، ڪيترائي مري ويا

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر بئراج ۽ ڪئنالن جي صفائي آبي جانورن لاءِ خطرو بڻجي وئي، پاڻي جي ڪمي سبب آبي حيات مرڻ   لڳا، سون جي تعداد ۾ مچيون ۽ ڪميون مري ويون، مقامي ماڻهن مچهين ۽ ڪمن کي گهر کڻي وڃڻ لڳا، خبر موجب: سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي صفائي سبب ڪئنالن مان مٽي ڪڍڻ لاءِ ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب آبي جانورن کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي، سون جي تعداد ۾ مڇيون ۽ ڪميون ڪئنالن جي ڪنارن تي اچي مري رهيون آهن، ٻي طرف وري مقامي ماڻهن پاران ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند هجڻ سبب ڪئنالن جي ڪناري تي مريل مڇين ۽ ڪڇن کي گهر کڻي وڃي رهيا آهن، جڏهن ته زنده مڇين کي پڪڙڻ لاءِ به مقامي ماڻهن پاران سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن تي ڄار پڻ لڳايا ويا آهن.  ۽ ڪجھ شرير ماڻهن پاران سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن ۾ زهر وجھڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي جنهن سبب آبي جانورن کي وڌيڪ خطرو لاحق ٿي ويو آهي، هوڏانهن وائيلڊ لائيف کاتي سميت ٻيا ادارا ان اهم مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيڻ بجاءِ خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.