سکر ڪيٽل ڪالوني ۾قبضن خلاف آپريشن، اڏاوتون پٽ

سکر( رپورٽر) سکر انتظاميه جو ڪيٽل ڪالوني ۾ قبضا خورن خلاف آپريشن، 12 کان وڌيڪ دڪانو ۽ واڙا ڊاهي پٽ،  خبر موجب سکر انتظاميه پاران اسٽنٽ ڪمشنر نئون سکر ۽ مختيار نئون سکر جي اڳواڻي ۾ نيو بس ٽرمينل ڀرسان قائم ڪيٽل ڪالوني ۾ غيرقانوني قبضن خلاف آپريشن ڪندي فلاحي پلاٽن تي اڏيل 12 دڪان، 7 مينهن جا واڙا ۽ ٻيون حد دخليون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن، ان ڏس ۾ انتظاميه جو چوڻ آهي ته عدالت جي حڪم 5بعد غيرقانوني قبضا خورن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين 28 غير قانوني اڏيل گهر، 12 کان وڌيڪ دڪانون ۽ 7 مينهن جا واڙا ڊاٿا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.