ميان صاحب لڳ چور ڀلوڙ مينهن ۽ ڳئون ڪاهي ويا، پوليس ٻوٽو نه ٻاريو

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان همايو ٿاڻي جي حد ڳوٺ صوڀل چانڊيو مان رات دير سان نامعلوم چورن پاران مرادعلي چانڊيو جي گهران هڪ ڀلوڙ مينهن ۽ ڳوٺ جهمر واھ مان محمد بخش جه۽ لڻ جي گهران هڪ ڀلي نسل جي ڳئون چورائي ويا ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او همايون الله ڏنو ڄامڙو ٻڌايو حد مان ٿيل چوري جي مونکي ڄاڻ ناهي مان ٻاهر ويل آھيان  ڀاڳين موجب پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو جيڪي هن وقت تائين چوري ٿيل واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي آھي جڏهن ته پيرا جاڳڻ طرف ويل ٻي طرف ڀاڳين  چانڊيا برادري جي ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  تہ جاڳڻ جي علائقي ۾ معرفاڻي برادري سان اسان جو جهيڙو هلندڙ  آھي ڪو بہ نقصان ٿيو تہ ان جي ذميوار همايون پوليس هوندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.