ماتلي لڳ ڳچي ۾ ڪپڙو ويڙهيل نوجوان جو لاش هٿ، قتل جو شڪ

ماتلي (ن ع آ) ماتلي لڳ ڳوٺ مير محمد نظاماڻي جاڙڪي ۾ پنھنجي گھر جي اڱڻ مان ڳچي ۾ ڪپڙو ويڙھيل 28 ورھين جي نوجوان شادي شده نوجوان دودو ڪولھي جو لاش ھٿ آيو آهي وارثن پاران قتل قرار پوليس  لاش کڻائي تعلقي اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو آهي جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. فوتي جي ڀاءُ نانجي ۽ ٻين وارثن موجب ته دودو کي ڳچي ۾ رئو وجھي گھٽا ڏيئي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ته جاچ ڪئي پئي وڃي، جنھن بعد وارثن جي چوڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.