رتيديري ۾عورت جو چوري ٿيل موٽرسائيڪل جي واپسي لاءِ احتجاج

رتوديرو (ت ر) رتوديرو ۾ ڳوٺ بخشو ساريو جي رهواسڻ غريب عورت خانزادي زال عبدالغفور ساريو پنهنجي چوري ٿي ويل موٽر سائيڪل جي واپسي لاءِ رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته چار ڏينهن اڳ مان پنهنجي پٽ محرم سان گڏ ان جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي ڳوٺ کان نادرا آفيس رتوديرو آئي هيس هن چيو ته اسان موٽر سائيڪل ٻاهر بيهاري سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس اندر وياسين اتان جڏهن اسان فارغ ٿي ٻاهر آياسين ته اسان جي موٽر سائيڪل ڪونه هئي جيڪا اتان نامعلو چور ڪاهي فرار ٿي ويا هن چيو ته اسان اهڙو اطلاع رتوديرو ٿاڻي تي پڻ ڏنو پر هن وقت تائين پوليس ان سلسلي ۾ ڪجھ به نه ڪيو آهي پوليس رڳو خالي آسرا ڏئي رهي آهي احتجاج ڪندڙ غريب عورت وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته مان غريب ۽ مسڪين عورت آهيان مون کي اسان جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.