نئون ڪوٽ ۾ پيٽرول پمپ تان ڦر جا جوابدار پڪڙ کان آجا

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل) نئون ڪوٽ ٿاڻي جي حد دنگ واري پوليس چيڪ پوسٽ  نفيس نگر نئون ڪوٽ جي حد ۾  گذريل ڏينھن پيٽرول پمپ تان ٿيل ڦر ۽ 13 ميل موري تان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل  جا جوابدار گرفتار نـ ٿيا نئون ڪوٽ پوليس ۽ ڊي ايس پي جھڏو  نفيس نگر پھتا ۽ پمپ مالڪ سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ بعد نئون ڪوٽ پوليس رات دير سان ڳوٺ يعقوب ٽنگڙي تي ڇاپو ھنيو پر ڪا بـ گرفتاري نـ ٿي آهي ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پيٽرول پمپ مالڪ ھڪ جوبدار علي نواز ٽنگڙي جي سڃاڻپ ڪئي آهي باقي ڏٺي سڃاڻي سگھجي ٿو نئون ڪوٽ ٿاڻي تي علي نواز ولد يعقوب ٽنگڙي  تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.