احمدپور لڳ نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ وسطڙا جو رھواسي نوجوان عامر علي پٽ غلام نبي وسطڙو گهر ڀرسان بجلي جي پول تي  چڙھي بجلي ٺاھيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي نوجوان جو اوچتو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو آهي ان ڏس ۾ فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان عامر علي بجلي جي پول تي چڙھي گهر جي بجلي ٺاھي رھيو ھو ته مٿان گذرندڙ 11 ھزار بجليءَ جي تارن مان اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.