لکي غلام شاهه لڳ اڳوڻو يوسي چيئرمين فوت، قتل جو شڪ

لکي غلام شاھ(رپورٽ نديم جان مهر) لکي غلام شاھ لڳ سکر شڪارپور روڊ تي رستم ٻاء پاس وٽ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽  يوسي مريد سيٺار جو اڳوڻو چيئرمين 45 سالن جو امام بخش عرف بابو ولد عبدالقادر سيٺار شڪارپور ايندي مين روڊ تي موٽر سائيڪل تان ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي بيهوش ٿي ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمين جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته موٽرسائيڪل کي ڪجهه به نه هجڻ تي وارثن پاران فوتي کي تشدد ڪري مارڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي وارثن حد جي ٿاڻي اسٽور گنج تي اطلاع ڏنو ويو آهي، وارثن پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته امام بخش جو موت روڊ حادثي ۾ ناهي ٿيو اسان کي شڪ آهي ته هن مٿان تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.