ٺل ڀرسان چنگچي اونڌي، هڪ ڄڻو فوت

ٺل(رپورٽر)ٺل ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر,هڪ ڄڻو فوت,هڪ زخمي,خبر موجب ٺل ڀرسان ڀٽاڳڙهي وٽ چنگچي  رڪشا جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب رڪشا ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪرائجي ويو,جنهن سبب ميرپور ٻرڙو ڀرسان ڳوٺ حمل سهندڙو جا رهواسي 2 ڄڻا بشير احمد لاشاري ۽ نظير احمد لاشاري شديد زخمي ٿي پيا,جڏهن ته وارث ٻنهي  زخمين کي  رحيم  يار خان اسپتال کڻي وڃي رهيا ھئا ته  45 ورهين جو زخمي ٿيل نظير احمد لاشاري زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي  ويو,جڏهن ته فوتي نظير احمد لاشاري جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏھن ته حد جي پوليس موقعي تي پهچي ڪري رڪشا کي ڊرائيور سميت پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.