خانپور مهر ويجهو ڪار تلاءُ ۾ڪري پئي، 4 ڄڻا زخمي

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر لڳ جروار لنڪ روڊ تي برف ڪارخاني وٽ ڪوهيڙي سبب تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي ڀرواري پاڻي جي تلاءُ  ۾ ڪري پئي، جڏهن ته ڪار تلا ۾ ڪرڻ بعد مقامي ماڻهو وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا، هوڏانهن مقامي ماڻهن مڙسي ڪري ڪار ۾ سوار مان 4 ئي ڄڻن کي ٻاهر ڪڍيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار ۾ سوار ٺڪراٺو جا رهواسي هئا جيڪي جروار کان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، جڏهن ته حادثي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.