هالاڻي ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

هالاڻي (رپورٽ : اعجاز خاصخيلي ) هالاڻي محرابپور لنڪ روڊ تي ڪوهيڙي سبب ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻہ ڄڻا ڪري  پيا پويا ايندڙ ٽريڪٽر سندن مٿان چڙهي وڃڻ جي نتيجي ۾ ساجد پٽ عبدالرشيد چوهاڻ ويٺل ڀرياروڊ ۽ نعمان پٽ ابراهيم ملڪ ويٺل بهلاڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي رورل هيلٿ هالاڻي پهچايو ويو زخمين جي نازڪ حالت هجڻ سبب نواب شاهه ريفر ڪيو ويو آخري اطلاع تائين ڪو بہ ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.