لاڙڪاڻي ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ٻارڙو فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) تعلقي ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي روڊ خيرپور جوسو باءِ پاس تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ڳوٺ خيرپور جوسو واسي 5  سالن جو ٻارڙو ڀولو پٽ عبدالخالق ميڪڻ سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي زخمي ٻارڙي کي کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي معائني بعد ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي ٻارڙي جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو ٻارڙو تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿيو جنهن کي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق پڻ ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي ٻارڙي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.