نئون دمبالو (ن ع آ ) نئون دمبالو ۾ رات دير سان نامعلوم زنده تازو ڄاول معصوم ٻار نظير ڪاسائي جي گهر جي باٿروم جي ا ڳيان پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ بند ڪري ٻارڙي کي نامعلوم ماڻھون فٽو ڪري فرار ٿي ويا تفصيل موجب نئون دمبالو ۾ رات دير سان تازو ڄاول ٻارڙو پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ويڙھيل زنده مليو جنهن ۾ تازو ڄاول ٻارڙي جي رڙين تي نظير ڪاسائي پاڙي وارن کي اطلاع ڪيو ان بابت ڪوبه وارث نه ٿئڻ جي سورت ۾ معصوم تازو ڄاول ٻارڙي کي بشير ڪاسائي جي حوالي ڪيو واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.