سڳيون ڀرسان حادثو، نوجوان چيڀاٽجي فوت

سڳيون (ن ع آ) سڳيون جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ حاجي جواڻ ڪلھوڙو ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور نوجوان ٻڍل ولد محمد صالح چنو  ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ جو سبب ٽريڪٽر جو ڌڪي اسٽارٽ هئڻ ٻڌايو پيو وڃي،جيڪو نوجوان ٻڍل چنو پاران ٽريڪٽر مٿاهين واري جڳھ تي بهاريو هو جنهن کي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ مٿاهين کان تيز رفتاري سان لاهي اسٽارٽ ڪري رهيو هو ته نوجوان جي ڪنٽرول کان نڪري ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور ٻڍل چنو ٽريڪٽر جي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو اهڙي اطلاع تي نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.