سنڌ ۾هزارين ٻار تعليم کان محروم آهن: ساڪري ۾ سيمينار

ميرپور ساڪرو(رپورٽ عبدلرزاق ڪلمتي) آرگنائزیشن فار سوشل ڊولپمينٽ انيشيٽوز پاران سوشل ھائوس  ميرپور ساڪرو ۾ 8 جنوري  تعليمي ڏھاڙي جي مناسبت سان ھڪ روزه سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ او ايس ڊي آئي جي ضلعي اڳواڻ محمد عثمان مگريو ڳالھائيندي چيو ته تعليم اھو بنياد آھي جنھن تي اسان پنھنجي مستقبل جي عمارت کڙي ڪندا آھيون تعليم ٻارن جو بنيادي حق آھي آرٽيڪل 25 اي تحت جنهن کي مھيا ڪرڻ رياست جي اهم ذميواري آھي . ينگ سوشل نيٽ ورڪ جي اڳواڻ عبدالرزاق ڪلمتي ۽ علم الدين رند چيو ته ضلعي ٺٽي ۾ تعليمي سهولتن جي اڻهوند سبب ھزارين ٻار تعليم جي زيور کان محروم آھن . انھن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اهم ترجيح ھجڻ گھرجي . سماجي اڳواڻ قادر موليپوٽو چيو ته تڪ جي ايم پي اي  ايم اين اي جي ذميواري آھي ته اھي پنھنجي تڪ ۾ تعليم جي بھتري لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪن ۽ والدين کي به گھرجي ته تعليمي ادارن جي مالڪي ڪن ۽ پنھنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائين . سيمينار ۾ سماجي اڳواڻ عباس لاشاري صاحب خان ڪلمتي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.