پ پ سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو آهي:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ زرعي فصلن کي مارڪيٽ تائين آساني سان پھچائڻ لاءِ  ڳوٺن جا رستا ٺاھيا وڃن. روڊ کنڊر ھجڻ ڪري بيمار ماڻھو اسپتالن تائين پھچڻ کان اڳ ۾ رستي ۾ فوت ٿي وڃن ٿا شاگردن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين پھچڻ ۾ مشڪل اچي ٿي. ماڻھو شھرن کان ڪٽيل رھن ٿا ڀاڄيون ڪمند، ڦٽيون، ڪڻڪ، گل ۽ ٻيا فصل وڏن شھرن جي مارڪيٽن تائين پھچائڻ ۾ وڏا خرچ اچن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي 13 سالن جي اقتداري دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪيو آھي. يونين ڪائونسل، زڪوات، خوراڪ، زراعت، صحت، تعليم سميت ھر کاتو مھا ڪرپشن جي ڪري عوام کي ۽ سنڌ کي ڪو بہ فائدو نه ڏئي رھيو آھي ڪو بہ حساب ڪتاب ناھي اينٽي ڪرپشن جو ڪردار سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي لڪائڻ وارو بنجي ويو آھي نيب ۽ ٻين ادارن جو ڪردار جانبداري وارو آھي. سنڌ ۾ 13 سالن ڪا بہ وڏي مڇي گرفتار نہ ڪئي وئي آھي جن ڪرپٽ عملدارن نيب سان پلي بارگين ڪري پنھنجي جان ڇڏائي، انھن وزيرن جي ھدايتن تي ڪرپشن ڪئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ روگار جا وسيلا ناھن ڪو انڊسٽريل زون قائم نه ٿي سگھيو آھي نوڪريون رشوت کانسواءِ نٿيون ملن ميريٽ تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن زراعت تباھ ھجڻ ڪري غربت ۾ بي حد اضافو ٿيو آھي ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن احتساب شفافيت، ميرٽ کانسواءِ سنڌ ۽ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.