وفاق ٻيٽن تي قبضي واري ڳالهه مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي: نواز زنئور

ڪڙيو گهنور (ن ع آ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته صدارتي آرڊيننس جو مدو ختم ٿيڻ باوجود وفاق  ٻيٽن تي قبضي واري ڳالهه مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي. وفاق هر صورت ۾ ٻيٽن تي قبضو ڪري انهن کي ٻاهرين قوتن جي حوالي ڪرڻ گھري ٿو. تنهن ڪري پنهنجا سامونڊي ٻيٽ بچائڻ لاءِ سنڌين کي لاڳيتي ۽ وڏي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڙيي گهنور ۾ پارٽي ڪارڪنن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪڙيو گهنور يونٽ لاءِ ٽه رڪني آرگنائيزنگ باڊي مقرر ڪئي وئي، جنهن موجب ڊاڪٽر ولي محمد خاصخيلي کي آرگنائيزر ۽ اياز خاصخيلي ۽ علي رضا کي ڊپٽي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. نواز خان زئور وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت صدارتي آرڊيننس ۽ سامونڊي پٽي تي وفاق جي قبضي خلاف قانون سازي نه ڪري وفاق لاءِ ٻيٽن تي قبضي جو درکليل رکيو آهي. جيڪو عمل سنڌي قوم جي دائمي مفادن جي خلاف آهي. هن معاملي تي سنڌ اسيمبلي کي قانون سازي ڪرڻ گھرجي، ته جيئن سامونڊي ڪنارن ۽ ٻيٽن تي سنڌ جي دائمي مالڪي برقرار رهي سگھي. هن وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي جلسي ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪرڻ گھرجي. سيد تاريخ جو اهو سچ آهي، جنهن کي پنهنجو ڪرڻ سان ئي سنڌي قوم جو مستقبل محفوظ رهي سگھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.