ميرپورخاص ۾ اهلڪار جي زال کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) پوليس اهلڪار محمد بخش مري جي سرڪاري ڪوارٽر ۾ گھڙي پوليس اهلڪار سان پيار جو پرڻو ڪندڙ  سندس زال کي مغز ۾گولي هڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس پوليس اهلڪار جي ڀاءُ اميراعظم مري جي فرياد تي عورت جي اڳوڻي مڙس الھ جڙيو ڳاهو، چاچي بهادر ڳاهو، رمضان ڳاهو، خان محمد ڳاهو ۽ هڪ نامعلوم جوابدار خلاف سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته هو پنهنجي پوليس اهلڪار ڀاءُ محمد بخش مري جي گھر آيل هئس ته صبح جو منهنجو ڀاءِ ڊيوٽي تي هليو ويو گھر ۾ آءُ ۽ ڀاڄائي گھر ۾ موجود هئاسين ته ڪوارٽر جو دروازو کڙڪايو آءُ ٻاهر نڪتس ته ڀاڄائي جو اڳوڻو مڙس الھ جڙيو ڳاهو ۽ بهادر ڳاهو هٿيارن جي زور تي گھر ۾ گھڙي آيا جڏهن ته رمضان ڳاهو، خان محمد ڳاهو ۽ هڪ نامعلوم ڪار وٽ بيٺا رهيا الھ جڙيو ۽ بهادر ڳاهي مون کي چيو ته ماٺ ڪري بيٺو هج گوڙ ڪئي ته گولي هڻي ماري ڇڏينداسين جنهن بعد ڀاڄائي جي اڳوڻي مڙس الھ جڙيو ڳاهو ڀاڄائي کي مغز ۾ گولي هڻڻ بعد ڪار ۾ ويهي فرار ٿي ويا. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هندن تي ڇاپا هنيا پر ڪوبه جوابدار هٿ نه اچي سگھيو ٻيطرف پوليس اهلڪار سان پيار جو پرڻون ڪندڙ عورت فاطمه مري زال محمد بخش مري جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ مغز ۾ گولي لڳ سبب عورت ڪومه ۾ هجڻ سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي پوليس ذريعن موجب واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس پاران شڪ ۾ گرفتار ڪيل عورت جي ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن کي ڪيس ۾ نامزد نه هجڻ جي ڪري آزاد ڪيو ويندو.

 ڪنري ۾بد امني جو آزار وڌڻ لڳو، ڳوٺاڻي جي موٽرسائيڪل چوري

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ چورين ۽ ڦرن جو آزار وڌڻ لڳو، اڻڄاتل چور ڳوٺاڻي جو موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا. نبي سر روڊ ٿاڻي جي حد ۾ دڙيلو موري تان اڻڄاتل چور ڳوٺ پيارو ڪولاچي جي رھواسي ڳوٺاڻي حيات مھاجر جو موٽرسائيڪل چوري ڪري کڻي ويا. ٻُڌايو پيو وڃي ته ڳوٺاڻو دڙيلو موري اسٽاپ تي گھر جو سامان ۽ دوائون وٺڻ آيو ھو. موٽرسائيڪل ميڊيڪل اسٽور جي ٻاھر بيھاري ۽ ڪجھ دير بعد واپسي آيو ته سندس موٽرسائيڪل غائب ھئي. پوليس کي اطلاع ڏني وئي پوليس پاران جانچ شروع ڪئي وئي آھي ھوڏانھن ٻه ڏينھن اڳ مير موري ڀرسان ٿيل چورين ۽ ڦر جو اڃان تائين ڪوبه پتو نه پيو آھي. وڌندڙ بدامني تي عوام ۾ سخت ڳڻتي جي لھر ڇانيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.