کپري لڳ ڳوٺ ۾ باهه، 4 گهر سڙي رک

کپرو(رپورٽر) کپرو جي اڇڙو ٿر جي کارڙي جي ڳوٺ مجنون مڱڻھار ۾ چلھ جي چڻنگ اڏڻ سبب باھ لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا جنهن سبب گهرن  ۾ ٽن نياڻين جو ڏاج , سونا زيور , اناج , روڪ رقم ڏيڊ لک , ٽيلينور بينڪ مان کنيل قرض جون رشيدون , قومي سڃاڻپ ڪارڊ , موٽر سائيڪل جا ڪاغذات سميت گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو ڳوٺاڻن پهچي باھ وسائي ٻيا گهر سڙھڻ کان بچائي ورتا سڙي ويل گهر جي متاثر هاشم مڱڻھار, دلبر مڱڻھار , حسن مڱڻھار , ابراهيم مڱڻھار ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي گهرن کي اچانڪ باھ لڳي اهم ڪاغّذن سميت گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو ڪنهن به چونڊيا نمائندن سميت سرندي وارا اسان وٽ نه پهتا ۽ نه ئي ڪنهن واهر ڪئي اسان غريب آھيون اسان جو گذر سفر به بند ٿي ويو گهر ۾ جيڪو هيو اهو رک جو ڍير ٿي ويو ٻئي طرف متاثرن چونڊيل ايم اين اي سانگهڙ شازيه مري , ڊي سي سانگهڙ ۽ سرندي وارن کان مالي امداد جي اپيل ڪئي آھي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.