ڏيپلي ڀرسان بجلي جي تارن مان گهر کي باهه

ڏيپلو (ت ر) تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ اونھريو وڻھول (سومڻھار) ۾ پورھيت بصر مل ميگھواڙ جي گھر ڀرسان بجلي جي تارن تي  ويٺل 3،2 پکين جي وزن سان بجلي جون تارون پاڻ ۾ ملي ويون جنھن سبب ڪرنٽ پيدا ٿيو، ڪرنٽ پيدا ٿيڻ کان پوء پکي کي باھ لڳي جيڪو زمين تي ڪري پيو جتي لڳ ڀڳ 40 کان 50 مڻ پراڙ پيل ھو جنھن ۾ باھ لڳي وئي، باھ تي جلدي ڪنٽرول نه ٿيڻ ڪري باھ پراڙ ڀرسان لوڙھي ۽ ڪکائون چونئري کي وڪوڙي ڇڏيو، گھر کي باھ لڳڻ سبب 25 کان 30 مڻ پراڙ ۽ ٻيو قيمتي سامان ،گھر جون ضرورت واريون شيون سڙي رک ٿي ويون، باھ لڳڻ سبب پورھيت خاندان جاني نقصان کان ته بچي ويا پر سندس مالي نقصان وڏو ٿيو آھي، مالي سھائتا جي اپيل ڪجي ٿي، جڏھن ته اطلاع تي فائر برگيڊ جو عملو به پھچي آيو جنھن مڪمل طور باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو، ٻئي پاسي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان حيسڪو انتظاميه کي بار بار چوندا رھيا آھيون ته بجلي جي تارن کي ري اسٽور ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ بجلي جي تارن مان وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي، پر ڪڏھن به حيسڪو عملو تارن کي چيڪ ڪرڻ جي تڪليف نه ڪئي آھي، ته موجوده بجلي تارن جي ڇا حالت آھي، اسان جي ڳوٺ کي بجلي لڳي کي لڳ ڀڳ 9 کان 10 سال ٿي چڪا آھن ڪڏھن تارن جي مرمت جو ڪم نه ڪيو ويو آھي، اسان ضلعي جي اعلي آفيسرن ۽ حيسڪو انتظاميه کي اپيل ٿا ڪيو ته جلد کان جلد تارن جي مرمت ڪري ڏني وڃي ته جيئن وڏي جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.