خير محمد آريجا ۾ نوجوان هاف فرائي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ دولت کوکر ٻاھران ڦر واقعي ۾ کنڀي حاف فراءِ ڪيل نوجوان جو ڪيس نئون  رخ اختيار ڪري ويو،سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻو جي حڪمن تحت ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار، تفصيل موجب، باقراڻي ٿاڻيِ جي حد ڳوٺ دولت کوکر ٻاھران ڪجھ ڏينھن اڳ دولت کوکر واسي نوجوان فيضان علي سيال کان نامعلوم ھٿياربندن پاران ڪيل ڦر واقعي بعد کوجي ڪتن جي پيري تي باقراڻي پوليس ساڳي ڳوٺ جي جوابدار ڄاڻايل نوجوان عامر شاھاڻي کي کنڀي رتوديرو ٿاڻي جي حد ۾ حاف فراءِ ڪري ڇڏيو ھو،جنھن بعد نوجوان عامر شاھاڻي جي وارثن سندس چاچي فضل محمد شاهاڻي پوليس خلاف ڪوڙي مقابلي جي سيشن ڪورٽ ۾ وڪيل معرفت درخواست ڪرائي ھئي، جنھن بعد عدالت سڳوري  پوليس کي ڪوڙو قرار ڏيندي نوجوان کي کنڀي ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي حاف فراءِ ڪرڻ جو اڳوڻي ڊي ايس پي باقراڻي خليل احمد مسڻ، ايس ايڇ او باقراڻي منور علي خاصخيلي،ايس ايڇ او رتوديرو عبدالمجيد آرائين ،اي ايس آءِ محمد دائود سومرو سميت فيضان علي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم صادر فرمائي ڇڏيو آھي، جڏھن ته عدالت سڳوري جي اھڙي حڪم بعد متاثر ڌر شاھاڻي برادري جا ماڻھون ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ باقراڻي ٿاڻي تي پھتا پر باقراڻي پوليس اھڙو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ھوڏانھن پوليس پاران ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو مان اھڙي ڪيس داخل ڪرڻ بابت اسٽي آرڊر ورتو آھي جنھن جي سومر ڏينھن شنوائي رکي وئي آھي،

شادي پلي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، عوام پريشان

شادي پلي ( ن ع آ ) شادي پلي ۾ انتظاميا مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام  ۔ منافعي خور واپارين جي هڪ هٽي سبب عام واهپي  جي  شين جا اگھ چوٽ چڙهي ويا   ۔ غريب طبقو هڪ ويلي جي ماني لاء پريشان  ۔ منافعي خور دوڪاندارن هٿ ٺوڪيا اگھ مقرر ڪري غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن ۔ شهرين ۾ تاء ۔ نوٽس وٺڻ جو  مطالبو تفصيل موجب ۔ شادي پلي ۾ انتظاميا مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۔  جنهن سبب منافعي خور دوڪاندارن عام واهپي  جي شين جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن ۔ جنهنڪري غريب طبقو خريداري جي سگھ نه هئڻ ڪري اگھ پڇڻ تائين محدود آهي ۔ مارڪيٽ مان ورتل جائزي موجب ۔ منافعي خور دوڪاندار شهر ۾ اٽو 60 کان 65 روپيا في ڪلو ۔ گيھ 250 روپيا في ڪلو ۔ کنڊ 100 کان 110 روپيا في ڪلو ۔ ٻاڪرو گوشت 800 روپيه في ڪلو ۔ مرغي گوشت 380 روپيا في ڪلو ۔مڇي 400 روپيا في ڪلو جي حساب سان مهانگي اگھ تي وڪرو ڪري رهيا آهن ۔ ان کان علاوه سائي ڀاڄين ۽ موسمي فروٽن جا اگھ بہ آسمان تي پهتل آهن ۔ جڏهن ڪيترن ئي دوڪاندارن وٽ ريٽ لسٽون به لڳل نہ آهن ۔ جنهن سبب  منافعي دوڪاندار غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن ۔ جنهنڪري غريب طبقو هڪ ويلي لاء پريشان آهي ۔ پر ان  باوجود انتظاميا ڪي بہ قدم نہ کنيا آهن  ۔ ان حوالي سان  هتان جي شهرين ڌڻي بخش ڪي بي ۔ امداد بلوچ ۔ نواز ڪي بي ۔ نارائڻ ڪولهي ۽ ٻين  احتجاج ڪندي ڊي سي عمرڪوٽ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي  ته فوري طور نوٽس وٺي مهانگي تي ضابطو آندو وڃي تہ جيئن غريب عوام کي رليف ملي سگهي.

سکر ۾قانوندان ڊيوڊ لارنس جي لاڏاڻي تي عدالتي ڪارروائيون معطل

سکر (رپورٽر) سکر جي نامياري قانوندان ڊيوڊ لارنس جي وفات تي سکر جي وڪيلن پاران ٻئي ڏينهن به سوڳ ۾ عدالتي ڪاروايون معطل ڪري ڇڏيون، فوتي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ، خبر  موجب: سکر جي نامياري قانوندان ڊيوڊ لارنس جي وفات تي سکر جي وڪيلن پاران ٻئي ڏينهن به سندس سوڳ ۾ عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي وڪيل جي وارثن سان وڪيلن ۽ شهرين پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

شاهپورجهانيان جسقم يونٽ جو اجلاس، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه حوالي سان غور ويچار

شاهپورجهانيان (ن ع آ)جسقم يونٽ شاهپورجهانيان جي باڊي جو اجلاس يونٽ صدر سيف ٻگهيو جي صدارت ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ نذير سنڌي، اسرار ساگر، رستم ڏاهري، صدام سنڌي، جاني ٻگهيو شرڪت  ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرهه 12 جنوري تي شاهپورجهانيان ۾ ملهائي ويندي، اجلاس کي خطاب ڪندي سيف ٻگهيو، نذير ڏاهري، اسرار ساگر چيو ته سائين جي ايم سيد هڪ فرد نه پر هڪ يونيورسٽي آهي، جنهن مان ڪيترائي نوجوان فيضياب ٿيا آهن، هنن چيو ته 17 جنوري تي سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرهه وڏي جوش ۾ جذبي سان ملهائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.