راڌڻ ۽ ڀرپاسي بدامني، ڳوٺاڻي جي مينهن چور ڪاهي فرار

راڌڻ (ن ع آ)راڌڻ ڀرسان سيھڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيرشاھه بخاري مان گذريل رات چور ڳوٺاڻي نياز لاشاري جي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن پيرن سان گڏجي  پيرا کنيا جيڪي ضلعي دادو جي ڳوٺ بوٿري ۾ لڳا. ياد رھي ھڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ سامٽيا مان چور ڳوٺاڻي ديدار ڪانڌڙي جي ڪارخاني مان به 10 مڻ ساريون چوري ٿي چڪيون آهن، سيھڙ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ بدامني ۾ وڌي وڃڻ ڪري رھواسي سخت پريشاني جو شڪار آهن سڄي رات ويھي جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن. ٻي طرف سيھڙ پوليس نشي جون ٽڪيون کائي سمھي پئي  آهي ھتان جي سياسي سماجي اڳواڻن وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي سيھڙ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي نه ته احتجاج ڪيو ويندو.

صدر جي ڀٽيون مان دڪان مان 3 لک رپين جي ماليت جو سامان چوري

پيرجوڳوٺ (ن ع آ)صدرجي ڀٽيون مان نامعلوم چور مشھور بورچي غلام سرور منگي جي پڪوان سينٽر جا تالا ٽوڙي 5 ڪٽا چانور، تيل، ايل سي ڊي، بيٽري، يوپي ايس ۽ سولر پليٽن سميت 3 لک رپين جي  ماليت جو سامان کڻي فرار ٿي ويا، متاثر بورچي اھڙو اطلاع عبدالرحمن انڙ ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو، پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو ان سلسلي ۾ متاثر غلام سرور منگي ميڊيا کي ٻڌايو ته صدرجي ڀٽيون ۾ چورين جي آزار سبب شھري راتيون جاڳي گذاري رھيا آھن پوليس وٽ دانھيون ٿا پر ڪوبه تدارڪ نه پيو ٿئي، واپاري، ڪاروباري ۽ پورھيت ماڻھو چورن جي ڪارواين سبب سخت پريشان ٿي ويا آھن، هنن اعلي اختيارين  کان گهر ڪئي آھي ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

پني عاقل مان عوامي آواز رپورٽر جي ڀاءُ جي موٽرسائيڪل چوري

پنوعاقل (ت ر) پنوعاقل پريس ڪلب جي صدر نور محمد سومرو جي وڏي ڀاءُ  وڪيل منظور احمد سومرو جي گھر مھراڻ اسڪول وٽان موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي، اهڙي  رپورٽ پنو عاقل ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ايس ايس پي سکر کي پڻ آگاھي ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.