اڏيري لال ويجهو ڪار ۽ اٺ گاڏي ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

اڏيرولال (ن ع آ ) اڏيرولال لڳ شيش محل وٽ اٺ گاڏي ۽ ڪار ۾ ٽڪر 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر موجب اڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد  شيش محل لڳ ڪار ۽ اٺ گاڏي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ اٺ گاڏي سوار مهتاب زرداري ۽ ڪار ڊرائيور نظير سخيراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي مٽياري اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اٺ گاڏي ۽ ڪار کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

قمبر ۾ جوابدار تي قتل جو ڏوهه ثابت، ڦاهي جي سزا

قمبر(ڊ  ر ) قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت جوابدار ذوالفقار علي کوسو کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي ۽ 2لک روپين جي ڏنڊ  جي سزا ٻڌائي ڇڏي جوابدار 6سال اڳ سجاول ٿاڻو جي حد ۾ معشوق علي ڪلهوڙو کي قتل ڪيو هو جنهن ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کيس سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته ساڳئي ئي ڪورٽ جوابدارن سرفراز عرف پپي پنهور 1280گرام چرس رکڻ جي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 4سال قيد ۽ 8 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ٻئي جوابدار کي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ سينٽرل جيل لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي،،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.