باقراڻي ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، 2 باندي آزاد

خير محمد آريجا (ن ع آ ) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ باھو جھتيال ٻاھران ڪجھ ڏينھن اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي فداحسين جھتيال جي قتل  ڪيس ۾ نامزد ڪري گرفتار ڪيل جوابدار باقراڻي پوليس پاران ظاھر نه ڪرڻ تي فريادي نظام الدين جھتيال جي درخواست تي جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڏوڪري پاران باقراڻي ٿاڻي تي ڇاپو، ٻه جوابدار بخش حسين جھتيال ۽ جابر حسين جھتيال ھٿ، جوڊيشنل مئجسٽريٽ پاران پوليس کي ڇنڊ رڪارڊ سميت عدالت طلب ڪري ورتو. جڏھن ته ان موقعي تي فريادي نظام الدين پوليس مٿان الزام لڳائيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ  ٽي جوابدار گرفتار ڪيا ويا ھئا جڏھن ته ھڪ جوابدار کي باقراڻي پوليس ڳري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته باقي ٻن جوابدارن جي آزادي جي ڊيل پڻ ھلي رھي ھئي جنھن ڪري مون ڪورٽ سڳوري کي درخواست ڏني ۽ ڪورٽ سڳوري باقي جوابدارن کي لاڪپ مان ھٿ ڪري رمانڊ لاءِ عدالت طلب ڪيو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.