مٽياري ۾ عدالت آيل همراهه دل جي دوري سبب فوت

مٽياري (ڊ ر) مٽياري عدالت ۾ پيشي تي آيل کيبر واسي حاجي محمد کيبر دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو، عدالتي ذريعن  موجب کيبر ڀرسان ڳوٺ موليڏنو سھتو جو رهواسي پنجاهه سالن جو محمد کيبر ڊسٽرڪٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيشي تي آيل هو جيڪو ڪورٽ روم ٻاهران سندس پيش ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو ته کيس دل جي تڪليف ٿي پئي کيس فوري طور  تعلقي اسپتال مٽياري آندو ويو جتي ڊاڪٽرن چڪاسڻ بعد تصديق ڪئي ته هو فوت ٿي ويو، ياد رهي ته فوتي مٿان فريادي غلام مصطفي کيبر پاران  22 اي جي درخواست ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٽياري جي عدالت ۾ داخل ڪرائي هئي جنهن ٻڌڻي رکيل هئي، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ فوتي جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ موليڏنو سھتو ۾ ادا ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.