باقراڻي ويجهو ٻن ڌرين ۾جهيڙو، نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان ابڙو ۾ مبينا طور زرعي زمين ۾ پلال رکڻ واري ڳالهه تان ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو  ٿي پيو جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان راجا ابڙو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نوجوان جي پيءُ حاجي ڪوڙل ابڙو ٻڌايو ته زرعي زمين ۾ پلال رکڻ واري ڳالهه تان منهنجي پٽ راجا ابڙو کي بااثرن ابل ابڙو، صفر ابڙو، لاڪو ابڙو ۽ ٻين بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع باقراڻي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. . هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اهڙو ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.