هوسڙي لڳ پوليس چڙهائي، تشدد، ڦرلٽ، 2 ڄڻا گرفتار، مظاهرو

حيدرآباد (رپورٽر) هوسڙي جي ڳوٺ اويس شيخ جي رهواسين ڪولهي برادري جو ٻارڙن ، مردن توڙي عورتن علائقي جي بااثر ۽ هوسڙي پوليس خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي چندو ڪولهي، لالو ڪولهي، مسمات ماڪوڙي ڪولهڻ، لکو ڪولهي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته سندن پاڙي ۾ ڪچو شراب هلندڙ آهي، جنهن جي ڪري ڪيترائي موالي اسان جي گهرن آڏو منشيات واپرائي  گار گند ڪن ٿا ، جنهن تان اسان منشيات فروشن کي منع ڪئي ته هتي پاڙي ۾ منشيات نه واپرايو ۽ کپايو ان تان بااثر مڇرجي حد جي ٿاڻي هوسڙي پوليس کي گهرائي سندن جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري سندن جي ٻچن تي تشدد ڪيو ۽ گھر ۾ پيل روڪ رقم 25 هزار روپيه ۽ ڪجهه گهر ۾ پيل سامان پڻ کڻي ويا ۽ اسان جا 2 نوجوان روشن ڪولهي ۽ ڀيما ڪولهي کي کڻي وئي آهي .  جيڪي 4 ڏينهن تائين کان پوءِ هوسڙي پوليس ظاهر ڪيا آهن ۽ مٿن تشدد ڪندي رهي بعد ۾ مٿن ڪوڙو شراب جو ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو آهي جيڪا غريبن سان وڏي ناجائزي آهي. هنن ايس ايس پي حيدرآباد، ۽ ڊي آءِ حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جي جانچ ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.