جهرڪ ۾ صفائي عملو نه هجڻ ڪري گندگي

جهرڪ ( رپورٽ لکاڏنو جهرڪائي ) تاريخي شهرجهرڪ ۾ گذريل چار مهينن کان صفائي ڪندڙ عملو نه هئڻ ڪري شهر ڪچرن جو  ڍير ٿي ويو,شهرين صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته گذريل چار مهينن کان تہ سيڪريٽري آهن پر جهرڪ شهر سان صفائي نہ هئڻ وارا مسئلا يو سي چيئرمينن جي دور کان هلندا اچن, مستقل سوئيپر نہ هئڻ ڪري شهر ۾ هر جڳھ تي ڪچرن جا ڍير ٿي ويا آهن,وقتي طور تي پرائيويٽ سوئيپر گهرايا ٿا وڃن جن کي وقت تي پگار بہ نٿي ڏني وڃي, ٻي پاسي يونين ڪائونسل جهرڪ جي سيڪريٽري ٻڌائيندي چيو تہ اسان کي گذريل چار مهينن کان چارج ملي آهي پر اسان کي يونين ڪائونسل جي بجيٽ نٿي ڏني وڃي تہ جيئن هتان جا ڪم ٿي سگهن ان حوالي سان اسان جي مسلسل ڪوشش جاري آهي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو,مختيارڪار ٺٽو سان ڳالھ ٻولھ هلي پئي انشاالله جلد جهرڪ شهر جا مسئلا حل ٿي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.